اسلام آباد(م ڊ)سينيٽ ۾ پگهار، الائونسز ۽ معاوضي برابر اسڪيلن ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن بابت بل لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو، سومر تي سينيٽ جو اجلاس چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن وفاقي وزارتون، ڊويزنز، ڪارپوريشنز، خود مختيار ادارن، نيم سرڪاري ادارن، اٿارٽيز ۾ پگهار جي فرق استحصالي ۽ مختلف پيڪيجز کي ختم، ان پگهار، الائنسز ۽ معاوضي جي برابر اسڪيلن ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن بابت بل کي لاڳاپيل ڪاميٽي ڏانهن اماڻيون ويو، اجلاس دوران ڪرسچن ميريج ايڪٽ ۾ترميم بابت بل ايوان مان منظور ڪيو ويو، بل سينيٽرڪامران مائيڪل پيش ڪيو ويو، جنهن چيو ته شادي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 18 سال مقرر آهي پارلياماني معاملن بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته حڪومت سرڪاري ملڪيتي ادارن جو خسارو گهٽائڻ لاءِ کوڙ قدم کنيا آهن، انهن سرڪاري ادارن جي نجڪاري سميت وڌيڪ سڌارن جو فيصلو نئين چونڊيل حڪومت ڪندي، سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته رياستي ملڪيتي ادارن جي خساري جون ذميوار سڀ حڪومتون آهن، سينيٽر محمد اڪرم چيوته سامراجي ادارن کان حاصل ٿيندڙ قرضن جو حساب ٿيڻ گهرجي، هن چيو سي پيڪ تحت ورتل قرض گهڻي ڀاڱي پنجاب تي خرچ ٿيو، اسان وٽ هتي قرض انساني وسيلن ۽ انڊسٽري تي خرچ ناهي ٿيو، ٻڌايو وڃي ته قرض ڪٿي خرچ ٿيو، سينيٽر ڊاڪٽر همايون مهمند چيو ته گولڊن هينڊ شيڪ ڪندڙ آفيسر هاڻي به سيلري وٺي رهيا آهي، هن چيو ته رڳو بيوروڪريسي جا نه هاڻي اسان جي سياسي اڳواڻن جا اثاثا به چيڪ ٿيڻ گهرجن، چيئرمين سينيٽ چيو ته اسان سمورن رياستي ملڪتي ادارن جو تفصيل گهرايو آهي، هڪ هڪ ڪري سمورن ادارن جو جائزو ورتو ويندو.