حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پيپر آئوٽ ٿيڻ واري ڪيس ۾ پوليس هڪ پٽيوالو کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب، پيپر آئوٽ ڪرڻ بابت پڇا ڳاڇا شروع، اسيسٽنٽ ڪنٽرولر ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پيپر آئوٽ ٿيڻ واري ڪيس ۾ نامزد روپوش جوابدارن مان ٻن سنيئر ڪمپوٽر آپريٽر سجاد علي ۽ احسن ظهير پاران لاڳاپيل عدالت مان گرفتاري کان اڳ واري ڪچي ضمانت ڪرائڻ ورتي آهي، جڏهن ته حيدرآباد جي او آر ٿاڻي جي پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪندي ڪيس ۾ روپوش نائب قاصد دانيال قمبراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن گرفتاري جي پوليس پاران تصديق پڻ ڪئي وئي آهي، پڇا ڳاڇا دوران اهم معاملو سامهون اچڻ سبب ڪيس ۾ نوان رخ سامهون اچڻ جو امڪان آهي.
پوليس گرفتار پٽيوالي کان پيپر آئوٽ ٿيڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪري انڪوائري ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٿيڻ بعد روپوش اسيسٽنٽ ڪنٽرولر زينل عالم سميت 6 جوابدارن جي گرفتاري لا ڇاپا مار ڪارروائيون جاري آهن. واضح رهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز جي ڀرتين لاءِ هلندڙ لکت واري امتحان واري جو پيپر آئوٽ ٿيڻ واري عمل جو ذميوار قرار ڏنل اسيسٽنٽ ڪنٽرولر ٽو زينل عالم کهڙو سميت 9 ملازمن تي جعلسازي جو قلم 409,411,420, 465 34 پي پي سي تحت ايف آئي آر داخل ڪئي وئي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن واري ڪنٽرولر عبدالحفيظ لغاري جي فرياد تي گناھ نمبر 15/2024 تحت جي او آر ٿاڻي تي داخل ايف آئي آر ۾ ڪنٽرولر فريادي ڄاڻايو هو ته اسيسٽنٽ ڪنٽرولر ٽو زينل عالم، 2 سينيئر ڪمپيوٽر سجاد علي ۽ احسن ظهير مقرر هئا ۽ 6 نائب قاصد جن ۾ اڪبر ڏاهري، خان محمد شاھ، دانيال قمبراڻي، شاھزيب ابڙو، شاھزيب جعفري ۽ عزيز احمد برفت کي ايف آئي آر ۾ نامزد ڪيو ويو هو.17