ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي مرتضي وهاب چيو آهي ته سياسي مخالف سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪري ڇا ثابت ڪرڻ چاهين ٿا.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي مرتضي وهاب چيو ته تنقيد پاسي تي رکي شهر جي باري ۾ سوچيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته احتجاج مهذب ۽ پُرامن ڪيو وڃي ، ماڻهن کي تڪليف نه ڏني وڃي، سياسي مخالف سنڌ اسيمبلي جو گهيراءِ ڪري ڇا ثابت ڪرڻ چاهين ٿا.
You might also like