سنڌ اسيمبلي احتجاج: جَي يو آءِ پاران ڪارڪنن تي پوليس تشدد جي مذمت، آزادي جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءِ اسلام ڪراچي ۾ جي يو آءِ ڪارڪنن تي پوليس تشدد جي مذمت ڪندي گرفتار ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري چيو ته قيادت ۽ ڪارڪنن مارشل لا جي جبر جو مقابلو ڪيو، هو زرداري اينڊ ڪمپني جي ظلم ۽ جبر جو به مقابلو ڪندا.
هن چيو ته جهموريت ۽ آئين جون ڳالهيون ڪندڙن جا چهرا اڄ ڪراچي ۾ وائکا ٿي ويا، گرفتار ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته پُرامن احتجاج اسان جو حق آهي، حڪمران ان کي تشدد جو نشانو نه بڻائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.