اڄ ستون ڏينھن آھي،ذھن مائوف آھي،اکين جي ننڍ غائب آھي.رھبر سنڌ سائين جي.ايم.سيد جي عاشق صادق،سائين عبدالواحد آريسر جي غريب ۽ سچي ساٿي شھيد ھدايت لوھار جو نصيرآباد باءِ پاس 16 فيبروري تي لڳل ڌرڻي ۾ ڏٺل معصوم چھرو، منھنجي نياڻين سسئي ۽ سورٺ جون غم جي ساگر ۾ ٻڏل اکيون ڊي ايس پي قمبر شھداد ڪوٽ ۽ ايس ايڇ او نصيرآباد آڏو سسئيءَ جو بھادرانه بيان ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي پوليس جو ايف آءِ آر وارثن جي مرضي موجب درج ٿيڻ کان صاف انڪار وارا منظر ڏسڻ، سرويچ نياڻين جو بھادرانه موقف ٻڌڻ،سن جي مقدس مٽيءَ ۾ شھيد ھدايت لوھار جي تدفين ۽ ان بعد نصيرآباد ۾ لاڳيتي ڌرڻي بعد پوليس پاران لاڳاتار ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ثابت ڪري ٿو ته سائين ھدايت لوھار جا قاتل خفيه اھلڪار آھن، جيڪي سائين ھدايت جي ماضيءَ ۾ کنڀڻ وارن واقعن جو ورجاءُ ايف آءِ آر ۾ داخل نه ٿا ڪن ۽ نه سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ ظاھر منھن کليل قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار آھن.
ان صورتحال ۾ سنڌ جو آئون باضمير پر ڪمزور اديب،پنھنجي نياڻين سورٺ ۽ سسئي سان پنھنجن ٻچن سميت گڏ بيھي ئي سگھان ٿو-نتيجا سنڌ جا قومي ڪارڪن ۽ ساڃاھ وند نياڻين سان گڏ بيھي ۽ سندن جدوجھد ۾ ساٿ ڏئي وٺي سگھن ٿا. اُھي سمورا ڏينھن مون کي ننڊ نه آئي آھي ۽ 21 فيبروري تي منھنجو ساٿي سھڻو شاعر سائينداد ساند اسان کان وڇڙي ويو آھي ۽ آئون روئندڙ نياڻن سان اُن جي تدفين ۾ مٺي، متاري ساند ڳوٺ ويس، دوست جو ديدار ڪيم ۽ سندس ڪلھي ڪانڌي ٿيس،بعد ۾ رات جو ئي واپس حيدرآباد موٽي 22 فيبروري تي اينٽي ٽيررزم ڪورٽ-1 حيدرآباد ۾ سارنگ ۽ سھڻيءَ سان گڏ ٻڌڻيءَ تي حاضر ٿيس. ٻئي طرف نصير آباد ۾ ڌرڻو جاري آھي مقامي سيشن ڪورٽ ۾ سنڌ دوست وڪيل محب آزاد شھيد ھدايت لوھار جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ڪيس داخل ڪيو آھي. اُن صورتحال ۾ سنڌ جا غيرت مند فرزندو !سسئي ۽ سورٺ جو ساٿ ڏيو، سندن مٿي تي ھٿ رکو شھيد ھدايت لوھار جي قاتلن کي گرفتار ڪرائڻ تائين احتجاج جاري رکو