پنجاب جي گورنر لاءِ مخدوم احمد، قمر ڪائرا ۽ نديم چن تي غور

لاهور(م ڊ) پيپلزپارٽي پنجاب جي گورنر لاءِ 3 نالا شارٽ لسٽ ڪري ڇڏيا، مخدوم احمد محمود، قمر الزمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن گورنر پنجاب جي ڊوڙ ۾ شامل آهن. ذريعن موجب مخدوم احمد محمود گورنر پنجاب طور پهرين ترجيح هوندو، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ گذريل ڏينهن طئي ٿيل پاور شيئرنگ فارمولا تحت آصف زرداري صدر ۽ شهباز شريف وزيراعظم هوندو.ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر نواز ليگ جو ۽ ڊپٽي اسپيڪر پيپلزپارٽي جو هوندو. سينيٽ جو چيئرمين پيپلزپارٽي جو ۽ ڊپٽي چيئرمين نواز ليگ جو هوندو، بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي گڏيل حڪومت قائم ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.