سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو پرچو ليڪ ٿيڻ بابت ڪميٽي قائم

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران سيڪنڊري اسڪول ٽيچرس جي ڀرتين واري امتحان جو پيپر آئوٽ ٿيڻ واري معاملي جي  جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، ايس پي ايس سي جي چيئرمين جي منظوري سان فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي پيپر آئوٽ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪندي ۽ سزا جي پڻ سفارش ڪندي. گذريل رات دير سان ڪميٽي قائم ڪرڻ وارو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو ھو، ڪميٽي کي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو ويو آھي، ذريعن موجب ڪميٽي رات دير سان يا اڄ ڪنھن به وقت پنھنجي رپورٽ جاري ڪري سگھي ٿي. ڪميٽي پبلڪ سروس ڪميشن جي عملدارن رضوان احمد ۽ محمد عارف حنيف تي مشتمل آھي، 2 رڪني ڪميٽي پيپر ليڪ ٿيڻ سميت سمورن الزامن جي جاچ ڪندي. ڪميٽي 15 کان 19 فيبروري تائين ٿيل سمورن پيپرن جي پڻ جاچ ڪندي، ڪميٽي جاچ بعد ڏوھي ثابت ٿيڻ تي ملوث عملدارن، ملازمن ۽ لاڳاپيل ماڻھن خلاف ڪارروائي جي سفارش پڻ ڪندي، معطل ٿيل ملازمن جا پڻ بيان رڪارڊ ڪيا ويندا، جڏھن ته ڪميٽي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو ويو آھي. ھوڏانھن ذريعن جو چوڻ آھي ته معطل ڪيل پبلڪ سروس ڪميشن جا 8 ملازم ڪنھن جي حراست ۾ ناھن، اڱاري جي ڏينھن پيپر آئوٽ ٿيڻ ۽ اميدوارن جي احتجاج کانپوءِ معطل ڪيل ملازمن جا بيان پوليس پڻ رڪارڊ ڪيا ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.