طاقتور ڌرين جي مداخلت کانپوءِ ئي پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڳالهيون ڪامياب؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) 8 فيبروري 2024 جي چونڊن کانپوءِ  حڪومت سازي ۾ دير جو سبب سامهون اچي ويو، پ پ وفاق ۾ حصو وٺڻ واري خواهش تي ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿيڻ تي طاقتور ڌرين پ پ  ۽ ن ليگ کي حڪومت سازي ۾ وڌيڪ دير نه ڪرڻ جو اشارو ڏنو ، ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو ته  پ پ   ۽ ن ليگ جي گڏيل اتفاق سان حڪومت سازي لاءِ ڳالهين ۾ اتفاق ٿيو هو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري هوندو پر  اهيو اتفاق اوچتو ان لاءِ اختلاف جو شڪار  ٿيو،جڏهن آصف علي زرداري اهم وفاقي وزارتون  پ پ کي ملڻ واري ڳالهه پيش ڪئي ته ان معاملي ۾ ن ليگ هڪدم پنهنجو چٽو موقف پيش ڪندي چيو ته  اهم وفاقي وزارتن ۾ صرف ۽ صرف ن ليگ جو حق بڻجي ٿو. ڇوته وفاق جي اهم وزارتن سان ئي ميان نوازشريف ۽ پارٽي جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو دارومدار هوندو، پ پ هڪدم پنهنجو موقف رکيو ته پوءِ سموريون وفاقي وزارتون ن ليگ وٺي ۽ پ پ صرف حڪومت جي حمايت واري  تجويز پيش ڪرڻ تي ٻنهي پارٽين ۾ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿيڻ لڳيون ۽ مذاڪرات مسلسل ناڪام نظر ٿيندا ويا جنهن سبب حڪومت سازي ۾ مسلسل دير ٿيڻ سبب  هڪدم  طاقتور ڌرين  پ پ کي ڪابه وزارت نه وٺڻ تي مجبور ڪندي فوري حڪومت سازي لاءِ اڳتي اچڻ لاءِ راضي ڪيو ۽  طاقتور ڌرين پاران  ن ليگ کي  يقين  ڏياريو ويو ته ڪنهن به وفاقي وزارت ۾ پ پ وزارتون نه وٺندي ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت به ڪندي ۽ ن ليگ حڪومت سازي لاءِ جلد تياري ڪرڻ ۾دير نه ڪري.ان سڄي معاملي کانپوءِ اوچتو 20 فيبروري جي رات هڪ پريس ڪانفرنس ۾حڪومت سازي جو اعلان ڪيو ويو جنهن  ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري واري ڳالهه ورجائي وئي.  ذريعن اهيو ٻڌايو ته وفاق ۾ ن ليگ پاڻ کي اڳڀرو ڏسڻ ٿي چاهي ۽ ماضي ۾ڪرندڙ ساک کي هڪ ڀيرو  ٻيهر هڪ مضبوط پارٽي طور سامهون آڻڻ جي خواهشمند آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 22 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.