اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم کي وفاقي ڪابينا ۾ پهرئين مرحلي ۾ 3 وزارتون ڏيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ايم ڪيو ايم کي پهرئين مرحلي ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، پورٽس اينڊ شپنگ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت ڏئي سگهجي ٿي.
هوڏانهن ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي حڪومتي سيٽ اپ ۾ گڏ هلڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
You might also like