جج خلاف هڪ ڀيرو ڪارروائي شروع ٿي وڃي ته ان جي استعيفيٰ سان ختم نه ٿيندي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ رٽائرڊ يا مستعفي ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪارروائي بابت ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ 1-4 جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو، جسٽس حسن اظهر رضوي اپيل مدي خارج هجڻ جي حد تائين فيصلي سان اختلاف ڪيو.
سپريم ڪورٽ مختصر فيصلي ۾ چيو ته جج خلاف هڪ ڀيرو ڪارروائي شروع ٿي وڃي ته جج جي استعيفيٰ سان ڪارروائي ختم نه ٿيندي، مستعفي جج خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جڊيشل ڪائونسل جو اختيار هوندو.
سپريم ڪورٽ جي مختصر فيصلي موجب رٽائرڊ ججن خلاف ٻڌڻي هيٺ شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اختيار آهي.
جسٽس امين الدين خان چيو ته تفصيلي سبب پوءِ جاري ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.