ريزا هينڊرڪس ملتان سلطان جي ڪمزور شعبي جي نشاندهي ڪري ڇڏي

ملتان( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ملتان سلطان جي بيٽر ريزا هينڊرڪس چيو آهي ته ڪيچز ڊراپ ٿيڻ ميچ جو حصو آهي، پر ڪيچ نه پڪڙڻ سان فرق پئي ٿو، اسان کي فيلڊنگ ۾ بهتري جي ضرورت آهي.
اسلام آباد يونائيٽڊ خلاف پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي پنجين ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ريزا هينڊريڪس چيو ته نسيم شاهه شروع ۾ بهترين بالنگ ڪئي، وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سازگار نه هئي پر خوشي آهي ته ميچ جو نتيجو اسان جي حق ۾ آيو.
هن وڌيڪ چيو ته مسلسل ٻي ففٽي تي خوشي ٿي پر ميچ کٽڻ ته وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.