ڪراچي ۾ 200 کان مٿي گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت ناقص مٽيريل ۽ بنا رٿابندي جي ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 200 کان وڌيڪ عمارتن جي معائني بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارتن ۾ باهه لڳڻ جي واقعن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪي ايم عمارتن جي معائني بابت رپورٽ جمع ڪرائي.
ڪي ايم سي جي رپورٽ موجب آءِ آءِ چندريگر روڊ، خالد بن وليد روڊ ۽ شاهراهه فيصل تي 200 کان وڌيڪ عمارتن جو معائنو ڪيو ويو، انهن 200 کان وڌيڪ گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير ناقص مٽيريل ۽ بنا منصوبابندي جي ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عمارتن ۾ فائر فائٽرز سسٽم، هنگامي طور نڪرڻ جا در ۽ ٻيا انتظام ناهن، انهن عمارتن کي اين او سي جاري ڪندي ڪي ايم سي کان به راءِ نه ورتي وئي.
رپورٽ موجب جائزو وٺڻ بنا انهن عمارتن کي مڪمل ٿيڻ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا، غير قانوني اڏاوتن ۽ اين او سي ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ضروري آهي.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اينٽي ڪرپشن ملوث ايس بي سي اي آفيسرن ۽ بلڊرن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.