محمد عامر پاڪستان لاءِ کيڏي سگهي ٿو: سرفراز احمد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا گليڊيئٽرز جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته رائلي روسو تمام سٺي ڪپتاني ڪري رهيو آهي، جنهنڪري مان سڪون محسوس ڪري رهيو آهيان.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته رائلي روسو سڀني کي گڏ کڻي هلي رهيو آهي ۽ ڏاڍي سٺي ڪپتاني ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ڪپتان جي رانديگرن سان انڊراسٽينڊنگ سٺي هئڻ گهرجي، ذهني هم آهنگي هوندي ته رانديگر ڪپتان سان ڳالهائي سگهندو.
سندس چوڻ هو ته رائلي روسو ۽ سعود شڪيل هڪٻئي کي سمجهي چڪا آهن، ڪپتان کي جيڪو به پلان ملي رهيو آهي ان تي سٺي نموني عمل ڪري رهيو آهي.
سرفراز احمد چيو ته جڏهن ٽيم کٽيندي آهي ته سڀ ڪجهه سٺو لڳندو آهي، جڏهن هارائيندي آهي ته اوهان تي بار وڌي ويندو آهي، مان هاڻي سڪون محسوس ڪري رهيو آهيان.
هن وڌيڪ چيو ته محمد عامر جي اچڻ سان فرق پيو آهي سندس ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي، عامر کي سدائين چيو آهي ته اوهان پاڪستان لاءِ کيڏي سگهو ٿا، هن ۾ ڪرڪيٽ باقي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.