حڪومت حياتي بچائيندڙ 146 دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت حياتي بچائيندڙ 146 دوائن جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
حڪومت طرفان دوائن جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ڪينسر، ويڪسين ۽ اينٽي بائيوٽڪ دوائن جا اگهه وڌايا ويا آهن.
صحت واري وزارت جي اختيارين موجب ڊريپ حڪومت کي 262 دوائن جا اگهه وڌائڻ جي سمري موڪلي هئي پر حڪومت 146 دوائن جي اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته لسٽ ۾ شامل 116 دوائن جا اگهه فارماسوٽيڪل ڪمپنيون پاڻ وڌائينديون، حڪومت هاڻ رڳو نيشنل اسينشل ميڊيسنز لسٽ ۾ شامل 464 دوائن جي اگهن تي ڪنٽرول رکندي.
واضح رهي ته حڪومت دوائن جا اگهه ڊي ريگوليٽ ڪري فارماسوٽيڪل ڪمپنين کي اگهه پاڻمرادو وڌائڻ جي اجازت ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.