پولارڊ جي جارحاڻي اننگز، ڪراچي ڪنگز ڪامياب، پشاور زلمي کي مسلسل ٻي شڪست

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي ڇهين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ڪيرون پولارڊ جي تيز اننگز جي مدد سان پشاور زلمي کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽي زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
پشاور زلمي پهريان کيڏندي 19.5 اوورن ۾ 154 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ڪپتان بابر اعظم 72، رومن پائول 39 رنسن سان اڳڀرا رهيا، جڏهن ته آصف علي 23، لوڪ ووڊ 8، محمد حارث 6، ٽام ڪوهلر ڪيڊمور 2 ۽ عامر جمال 1 رنسن ٺاهي پويلين موٽيا.
ڪراچي جي مير حمزا ۽ حسن علي 3، 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ڪراچي ڪنگز پشاور زلمي جو 155 رنسن جو هدف 17 هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ڪيرون پولارڊ 49 ۽ جيمز ونس 38 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، شعيب ملڪ 29، محمد اخلاق 24 ۽ شان مسعود 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پشاور زلمي طرفان لوڪ ووڊ ٻه ۽ وقار سلام خيل هڪ وڪيٽ ورتي،شاندار بالنگ مير حمزا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.