بشريٰ انصاري پاڪستاني ڊرامن تي ڏمريل!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سينيراداڪارا بشريٰ انصاري موجوده دور جي  ڊرامن بابت پنهنجي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا تي اداڪارا بشريٰ انصاري جي هڪ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هوءَ پاڪستاني ڊرامن بابت ڳالهائي رهي آهي.

وڊيو ۾ ماضي جي ڊرامن کي ياد ڪندي هن چيو آهي ته جڏهن پاڪستاني ڊرامن جي عروج جو دور هو ته ڊرامن جي نالن جي وڏي اهميت هوندي هئي، ڏاڍو سوچي سمجهي ۽ ڊرامن جي ڪهاڻي کي ڏسي نالا رکيا ويندا هئا جنهن جو وڏو اثر هو.

هن چيو ته موجوده دور ۾ ڊرامن جا نالا به ڏاڍا عجيب آهن، ڪل موهي، بدنصيب، مونکي طلاق ڏيو جهڙا عجيب نالا آهن پر گذريل دور ۾ ڊرامن جا نالا ڏاڍا سوچي سمجهي رکيا ويندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.