اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ صحافي کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس ۾ سينيٽر فيصل جاويد جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد خلاف صحافي کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي فيصل جاويد سول جج قدرت الله جي عدالت ۾ پنهنجي وڪيل سرفراز مصروف سان گڏ پيش ٿيو.
فيصل جاويد عدالت سامهون پاڻ کي سرينڊر ڪيو، جنهن تي عدالت سندس گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.
عدالت ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 13 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته عدالت فيصل جاويد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، سندس خلاف 2022 ۾ بني گالا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
Prev Post
You might also like