حسن علي پي آءِ اي جو ميزبان بڻجي ويو، وڊيو وائرل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي پاڪستان ايئر لائينز ( پي آءِ اي ) جي اُڏام دوران ميزباني جا فرض سنڀالي ورتا جنهن جي وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.
حسن علي پنهنجي شرارتن جي ڪري سوشل ميڊيا تي گهڻو مقبول آهي، ڪڏهن راندين جي ميدان ۾ ته ڪڏهن ساٿي رانديگرن سان مستي مذاق سان ڀرپور سندس وڊيوز سامهون اينديون رهنديون آهن.
ويجهڙ ۾ فاسٽ بالر جي هڪ وڊيو منظرعام تي آئي جنهن ۾هو پي آءِ اي جي اُڏام ۾ ميزباني جا فرض انجام ڏيندي نظر آيو.
وڊيو ۾ حسن علي کي ڪراچي ڪنگز جي شرٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو، فاسٽ بالر اُڏام دوران ميزباني جا فرض انجام ڏيندي پنهنجي ساٿين کي حفاظتي قدمن بابت آگاهي ڏي رهيو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جا مقابلا جاري آهن، هن دفعي فاسٽ بالر حسن علي ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.