سرڪاري آفيسرن خلاف مهم، ڪابينا جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن ۽ سرڪاري آفيسرن خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائڻ تي جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نوٽيفڪيشن موجب اعليٰ سطحي جي آءِ ٽي 5 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي جي آءِ ٽي سربراهه هوندو، جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جا آفيسر شامل هوندا.
ان کانسواءِ 20هين گريڊ جا پي ٽي اي ۽ نادرا آفيسر به ٽيم ۾ شامل هوندا.
گهرو وزارت جي سمري تي ڪابينا کان سرڪوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا مهم ذريعي آفيسرن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جي آءِ ٽي ذميوارن جو پتو لڳائي ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪندي.
ذريعن موجب جاچ دوران آءِ ٽي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.