اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ايندڙ ٻن هفتن ۾ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ پارٽي جي اليڪشن ڪميشن جلد انٽرا پارٽي چونڊن جو شيڊيول جاري ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چئني صوبن، اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ انٽرا پارٽي چونڊون ٿينديون.
ذريعن موجب باضابطا شيڊيول پي ٽي آءِ باني جي منظوري کانپوءِ جاري ڪيو ويندو، پئنل وائز اميدوار انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حصو وٺندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عام چونڊن سبب عمران خان انٽرا پارٽي چونڊون روڪيون هيون پر فيبروري جي آخر يا مارچ جي شروعات ۾ اليڪشن ڪرائي ويندي.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ٻه ڀيرا پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪالعدم قرار ڏني هئي، انٽرا پارٽي اليڪشن منظور ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جماعت طور ضمني چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندي.
You might also like