بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان کي سپريم ڪورٽ آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نعيم اختر افغان کي سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب 23 فيبروري تي جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ جسٽس نعيم اختر افغان جي مقرري تي غور ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس نعيم اختر افغان کي سپريم ڪورٽ جو جج نامزد ڪيو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي مقرري تي به غور ٿيندو.
واضح رهي ته هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ 3 ججن جون جايون خالي آهن ۽ 14 جج فرض انجام ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.