لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ طرفان پنجاب جي نامزد وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ پنجاب پارلياماني پارٽي جو پهريون اجلاس ٿيو.
مريم نواز جي سربراهي ۾ جاتي عمرا ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ نون چونڊيل پنجاب اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ليگي ميمبرن سميت آزاد ميمبر به شريڪ ٿيا، جڏهن ته مخصوص سيٽن لاءِ نامزد ميمبر به اجلاس ۾ شامل هئا، اجلاس ۾ ڪُل 218 ميمبر شريڪ ٿيا.
پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ن ليگ جي 137 ڪامياب اميدوارن، مخصوص سيٽن لاءِ نامزد 58 عورتن ۽ ن ليگ ۾ شامل ٿيندڙ 22 کان وڌيڪ آزاد ميمبرن شرڪت ڪئي.
واضح رهي ته پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 186 ميمبرن جي حمايت گهربل آهي.
You might also like