ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا وديا بالن پنهنجي نالي سان ڪوڙو انسٽاگرام اڪائونٽ ٺاهي ماڻهن کان پئسا ڦريندڙ خلاف ڪيس ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب وديا بالن جي ٽيم اداڪارا جي نالي سان ڪوڙو انسٽاگرام اڪائونٽ ٺاهڻ واري ماڻهو تي ڪيس ڪيو جيڪو ماڻهن کي بالي ووڊ ۾ نوڪري ڏيارڻ جي بهاني ٺڳيندو رهيو آهي.
رپورٽ موجب ان ماڻهو نه رڳو وديا بالن جي نالي سان ڪوڙو انسٽاگرام اڪائونٽ ٺاهيو پر معصوم ماڻهن کي ٺڳيندو رهيو.
وديا بالن ممبئي پوليس کي ڪيس جو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي ان ماڻهو تي ڪيس ڪيو آهي.
اداڪارا پنهنجي اصل انسٽاگرام اڪائونٽ تي مداحن کي درخواست ڪئي ته ڪوڙي اڪائونٽ کي رپورٽ ڪري بلاڪ ڪن.