شراب پيئڻ عورتن لاءِ مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته شراب پيئڻ وارين عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ مرڻ جو خطرو وڌيڪ آهي.

ماهرن ٻڌايو آيه ته شراب پيئڻ سان عورتن ۾ سڻڀ واري جگر ۾ بيماري ٿيندي آهي جنهن سان موت جو خطرو مردن جي ڀيٽ ۾ وڌي ويندو آهي. هنن ٻڌايو ته جگر ۾ اسٽياٽوٽڪ لور نالي بيماري ٿيندي آهي جنهن سان جگر ۾ سڻڀ گڏ ٿيندو ويندو آهي ۽ جگر ۾ رت صاف ڪرڻ جي صلاحيت کي نقصان پهچندو آهي.

ماهرن چيو آهي ته خراب جگر صحت تي ناڪارا اثر ڇڏيندو آهي هاڻي تحقيق مان ڄاڻ ملي آهي ته شراب پيئڻ سان اها بيماري عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿيندي آهي جنهن سان عورتن ۾ موت جو خطرو مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.