ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا عيني جعفري عورتن کي مشورو ڏنو آهي ته هو تشدد ڪرڻ واري مڙس، بواءِ فرينڊ يا ڪنهن دوست سان وڌيڪ تعلق برقرار نه رکن، هو انهن جي ماءُ بڻجي تربيت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن.
اداڪارا ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويو دوران گهريلو تشدد تي کليل ڳاله ٻوله ڪئي.هن ٻڌايو ته گهريلو تشدد ڪنهن به صورت برداشت جوڳو ناهي، عورتن کي ڪنهن به صورت مردن کان تشدد برداشت نه ڪرڻ گهرجي ۽ کين اهو سمجهڻ گهرجي ته جنهن مرد اڄ ٿورو ماريو سڀاڻي هو گهڻو به ماري سگهي ٿو.
هن ڳالهائيندي چيو ته عورتن کي اهو حق حاصل آهي ته هو ڪنهن اهڙي مرد سان شادي ڪن جنهن جي پهريون ئي سٺي تربيت ٿيل آهي ۽ هو تشدد جو عادي ناهي.
اداڪارا چيو ته مڙس، مڱيندي، بواءِ فرينڊ يا اهو ڇوڪرو جنهن سان خاندان ملڻ لاءِ چئي، عورتون انهن جي ٿوري به تشدد تي هنن کان راهون الڳ ڪن ڇاڪاڻ ته هو بعد ۾ وڌيڪ تشدد ڪندو ۽ هو سڄي زندگي نه بدلبو. هن چيو ته عورتون پرتشدد مڙس جي ماءُ ٿي تربيت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن اهو ڪم سندن ماءُ جو هيو زال جو ناهي.