”جيڪڏهن ڊرائنگ روم ۾ ويهاري عهدا ورهائڻا هئا ته چونڊون ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ بندش جي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته جهڙيون چونڊون ٿيون آهن، ماشاالله سڄي دنيا تعريف ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڊرائنگ روم ۾ ويهاري عهدا ورهائڻا هئا ته چونڊون ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي بندش خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان دوران پي ٽي اي جي وڪيل چيو هاڻ ته انٽرنيٽ هلي رهي آهي، حڪومت سيڪيورٽي خدشن کي ڏسندي اهو قدم کنيو، انٽرنيٽ سروس جي بندش سان ملڪ ۾ امن امان جو ڪو مسئلو نه ٿيو، سڀ کان اهم مسئلو نيشنل سيڪيورٽي جو هو.
چيف جسٽس چيو ائين نه چئو، ماڻهو سمجهدار ٿي ويا آهن، ماڻهن کي سڀ خبر آهي ته ڪير ڇا ڪرائي رهيو آهي، پريشر ڪُڪر جي هلڪي سيٽي وڄي ٿي ته ان کي وڄڻ ڏيو، ائين نه ٿئي جو سيٽي بند ڪرڻ تي پريشر ڪڪر جيان سڀ ڦاٽي پئي، صدر ڪير ٿيندو، وزيراعظم ڪير ٿيندو، گورنر شپ ڪنهن کي ڏني ويندي، جيڪڏهن ائين ڪرڻو هو ته چونڊون ڇو ڪرايون ويون، ڊرائنگ روم ۾ ويهاري عهدا ورهائڻا هئا، چونڊون ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
هن چيو ماشاالله توهان طاقتور ماڻهو آهيو، جهڙي پلاننگ ڪندا آهيو ائين ڪري ڇڏيندا آهيو، انٽرنيٽ بند ڪري دنيا ۾ پنهنجو تماشو ڇو بڻائي رهيا آهيو، ائين لڳي ٿو ته عدالتون ۽ سڀ ادارا بي وس ٿي ويا آهن، ملڪ ڪير هلائي رهيو آهي؟
پوءِ عدالت وفاقي حڪومت کان اليڪشن واري ڏينهن انٽرنيٽ بندش جا سبب طلب ڪري ورتا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر انٽرنيٽ سروس ۽ سوشل ميڊيا جي بحالي جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.