ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته ملڪ کي معاشي ۽ سياسي بحران مان رڳو صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي ئي ڪڍي سگهي ٿي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ نثار کهڙي چيو ته آصف علي زرداري کي صدرِ مملڪت جو اميدوار نامزد ٿيڻ تي واڌايون پيش ڪيون ٿا ۽ چيو ته آصف علي زرداري جي صدر ٿيڻ سان پارليامينٽ ۽ نئين حڪومت پنهنجو پنج سالا آئيني مدو پوري ڪندي.
سندس چوڻ هوته نئين قومي مالياتي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو وڌايو ويندو، آئيني طور اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو وڌائي ته سگهجي ٿو پر گهٽائي نٿو سگهجي.
هن چيو ته مضبوط صوبا مضبوط وفاق جي علامت هوندا آهن، صوبائي خودمختياري تحت صوبن کي معاشي طور مضبوط ڪيو ويندو، صوبن جي وسيلن تي صوبن جو حق تسليم ڪرايو ويندو.
پ پ سنڌ جي صدر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام پارليامينٽ ۽ اسيمبلين جي وجود سان ئي عمل ۾ ايندو، پيپلز پارٽي پارليامينٽ ۽ اسيمبلين کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ جهموري ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته غير جهموري سازشون ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب نه ٿينديون.
ملڪ کي سياسي ۽ معاشي بحران مان آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي ئي ڪڍي سگهي ٿي: نثار کهڙو
You might also like