اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ عام چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست گذار برگيڊيئر رٽارئڊ علي خان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ ۽ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جي استدعا ڪئي هئي.
سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪندي درخواست گذار تي 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته علي خان ڪير آهي؟.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته درخواستگذار علي خان رٽائرڊ برگيڊيئر آهي، جنهن جو 2012ع ۾ ڪورٽ مارشل به ٿيو هو، ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو آهي، هن سپريم ڪورٽ کي بحرين وڃڻ لاءِ اي ميل موڪلي هئي.
عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته رياست ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته جنهن شخص جو ڪورٽ مارشل ٿيو آهي اهو برگيڊيئر جو رينڪ استعمال نه ڪري.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ 19 فيبروري تي بچاءَ واري وزارت ذريعي نوٽيس جاري ڪيو هو، پر برگيڊيئر رٽائرڊ علي خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پوليس به درخواست گذار جي گهر وئي هئي، بچاءَ واري وزارت ذريعي کيس نوٽيس موڪليو ويو، پر علي خان گهر ۾ نه هيو، نوٽيس گهر جي گيٽ تي لڳايو ويوهو.
You might also like