پ پ پنجاب جي گورنر لاءِ ٽن نالن تي غور شروع ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ گورنر جي عهدي لاءِ امڪاني نالا سامهون اچي ويا.
ذريعن موجب پنجاب جي گورنر لاءِ مخدوم احمد محمود، قمر زمان ڪائرا ۽ نديم افضل چن جا نالا غور هيٺ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مخدوم احمد محمود پارٽي قيادت جي پهرين ترجيح هوندو ۽ هو ن ليگ لاءِ به قبول هوندو.
واضح رهي ته وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومت سازي لاءِ ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن، جنهن تحت شهباز شريف وزيراعظم هوندو ۽ آصف زرداري صدر لاءِ گڏيل اميدوار هوندو.
ذريعن موجب سينيٽ چيئرمين پ پ ۽ ڊپٽي چيئرمين ن ليگ جو هوندو، جڏهن ته قومي اسيمبلي اسپيڪر ن ليگ ۽ ڊپٽي اسپيڪر پ پ جو هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جو وڏو وزير پ پ جو هوندو، ن ليگ ۽ پ پ گڏجي حڪومت ٺاهينديون، سنڌ ۽ بلوچستان جو گورنر ن ليگ، پنجاب جو گورنر پ پ جو هوندو، جڏهن ته پ پ پنجاب جي صوبائي ڪابينا ۾ شامل نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.