بدين (ڊ ر) 17 هين فيبروري تي بدين ڀر سان بي دردي سان قتل بدين جي نوجوان صحافي بدين پريس ڪلب جي ميمبر حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ بدين ضلعي يونٽ جي صدر عطا چانڊيو پيپلزپارٽي اڳواڻ حاجي مراد چانڊيو جي ڀاءُ جاني چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف سوين شهرين سول سوسائٽي جي اڳواڻن مين ڪراچي روڊ تي نيڻو اسٽاپ وٽ حاجي مراد چانڊيو عطا چانڊيو راشد چانڊيو شوڪت چانڊيو حميد چانڊيو بابر جمالي شجاعت حيدري اختر کوسو انور ملاح ذولفقار چانڊيو شھباز شاھاڻي عمران چانڊيو الطاف جمالي مشتاق جمالي جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جاني چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاءِ سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي اڳواڻن چيو ته جاني چانڊيو جي قتل کي ٽي ڏينهن کان مٿي عرصو گذري ويو آهي پر پوليس قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي هنن چيو واقعي وقت اکين ڏٺن شاهدن موجب جاني چانڊيو قتل ٿيو آهي جنهن جا ثبوت ايس ايس پي ۽ ٻين پوليس آفيسرن کي به موڪليا آهن پر پوليس جاچ ڪرڻ بجاءِ روائتي حربا استعمال ڪري واقعي کي روڊ حادثو قرار ڏئي خون ٻوڙڻ چاهي ٿي هنن چيو بدين پوليس جي ان من ماني کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو جاني چانڊيو جي قتل ۾ ملوث آخري جوابدر جي گرفتاري تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو هنن مطالبو ڪيو ته جاني چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف جاچ ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي.02