ڍاڪا کان رياض ويندڙ سعودي ايئر جي اڏام جي ڪراچي ۾ ايمرجنسي لينڊنگ

ڪراچي (رپورٽر) بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا کان سعودي راڄڌاني رياض ويندڙ سعودي ايئر جي اڏام جي ڪراچي ۾ ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي وئي، مسافر جي حالت خراب ٿي وئي. سعودي ايئر فلائيٽ SV 805 3:57 PM تي رياض لاءِ /ڏسو صفحو 7 ڪالم 2

پرڌاڪا روانو ٿيو. جهاز ڀارتي فضائي حدن ۾ هو ته جهاز ۾ موجود مسافر جي طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن تي پائليٽ جهاز جو رخ ممبئي طرف موڙي ڇڏيو، پر پوءِ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر جي هدايت تي جهاز کي ڪراچي طرف موڙيو ويو. جهاز ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي صبح 7:30 تي لينڊ ڪيو. سول ايوي ايشن جي ميڊيڪل ٽيم ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي اپاءَ ورتا. جهاز جيئن ئي لينڊ ڪيو ته ڊاڪٽر فوري طور تي پهچي ويا ۽ جهاز ۾ سوار مسافر جو معائنو ڪيو ۽ کيس طبي امداد ڏني. جنهن بعد جهاز ڪراچي کان رياض لاءِ روانو ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.