راجڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ انگلش بيٽر زيڪ ڪرولي جي تڪراري ايل بي ڊبليو آئوٽ واري فيصلي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي.
راجڪوٽ ٽيسٽ ۾ڀارت خلاف انگلينڊ جي ٽيم کي 122 رنسن تي آل آئوٽ ٿيڻ بعد ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ رنسن جي حساب سان پنهنجي سڀ کان وڏي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن کانپوءِ ڀارت کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2-1سرسي حاصل ٿي وئي آهي.
ڀارت خلاف 434 رنسن جي عبرتناڪ شڪست کانپوءِ انگلينڊ جي ڪپتان بين اسٽوڪس امپائرز ڪال کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
انگلش ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ڀارت خلاف ميچ دوران تڪراري ايل بي ڊبليو فيصلي تي ديسيشن ريويو سسٽم ( ڊي آر ايس ) سبب ”امپائرز ڪال“ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
بين اسٽوڪس امپائر ڪال تي انگلش بيٽرز زيڪ ڪرولي کي ايل بي ڊبليو آئوٽ قرار ڏيڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته امپائر جي ڪال تي آئوٽ ٿيڻ باوجود بال اسٽمپ تي نه لڳو جنهن انگلش ڪرڪيٽرز جو مونجهارو وڌائي ڇڏيو.
اسٽوڪس ميچ ريفري جيف ڪرو کي ٻڌايو ته بال اسٽمپ کان پري هو، امپائر جي فيصلي ۽ ريپلي ۾ ٽڪراءَ تي ڳڻتي جو ظهار ڪندي اسٽوڪس فيصلا سازي واري عمل ۾ شفافيت ۽ درستگي جي ضرورت تي زور ڏنو.
انگلش ڪپتان وڌيڪ چيو ته اسان ٽيسٽ هارائڻ تي شڪايت ناهيون ڪري رهيا، انگلينڊ جي شڪست تي ڏک پهتو پر اسان ڀارت خلاف سيريز کٽڻ لاءِ پراميد آهيون.