نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ وحشائپ جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي جنهن ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن کي ٿوڏي ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو افسوس جوڳو واقعو ڀارتي شهر بارا بنڪي ۾ پيش آيو جتي بسارا ڳوٺ جي رهواسين انيل ڪمار بيوفائي جي سڪ ۾ پنهنجي زال وندنا جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي.
ڀارتي پوليس موجب انيل جو پنهنجي زال وندنا سان جهيڙو ٿيو هو جنهن دوران ڪاوڙ ۾ انيل تيز اوزار سان زال جي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي.
اهو ئي نه پر واقعي کان پوءِ انيل زال جي ڌڙ کان ڌار ٿيل مني هٿ ۾ کڻي روڊ تي گھمندو رهيو.
ان کان پوءِ مقامي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن کان پوءِ انيل کي گرفتار ڪيو ويو کائنس معاملي جي جاچ جاري آهي.