ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر حسين چيو آهي ته اسان جي انڊسٽري سٺي نه آهي ان ڪري آئون نٿو چاهيان پٽ اداڪاري ۾ اچي.
سوشل ميڊيا تي ياسر حسين جي هڪ انٽرويو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن کيس پاڪستاني ٽي وي انڊسٽري ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي ڏٺو ويو.
ميزبان جي سوال جي جواب ۾ ياسر حسين چيو ته اسان جي انڊسٽري سٺي انڊسٽري نه آهي، آئون نٿو چاهيان ته پٽ ان انڊسٽري ۾ اچي، جيڪڏهن هو اچي ويو ته آئون کيس ڪنهن به شيءِ کان نه روڪيندس پر منهنجي دل نٿي چوي ته هو اداڪار بڻجي.
ياسر حسين پنهنجي موقف جي وضاحت ڪندي ميزبان کان سوال ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته اسان جي انڊسٽري ۾ ڪم ٿي رهيو آهي؟ اهو ڪو ڪم آهي؟ هڪ اداڪار جو ڪم ڇا هوندو آهي؟ اداڪار جو ڪم سٺي اداڪاري ڪرڻ آهي، شوبز جي فيلڊ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻو آهي پر اسان جي انڊسٽري ۾ اوهان ۾ اوهان کي لاڳيتو خراب ڪم ئي آفر ٿي رهيو آهي.
You might also like