اسلام آباد(م ڊ)پيپلزپارٽي کي به چونڊن جي نتيجن تي خدشا آهن، ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي،پيپلزپارٽي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي وڊيو بيان ۾ ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيوپيپلزپارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو ته سوال ته اٿي ٿو ته ڪمشنر راولپنڊي جو ضمير 10 ڏينهن کانپوءِ ڇو جاڳيو، ڪمشنر راولپنڊي کي پنهنجن لڳايل الزامن جا ثبوت به پيش ڪرڻ گهرجن،ڪمشنر راولپنڊي وڏن عهدن تي ويٺل ماڻهن تي جيڪي الزام هنيا آهن اهي سمجهه کان ٻاهر آهن، الزامن جي فوري طور شفاف جاچ ڪرائي وڃي،پي ٽي آءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي،