ڪمشنر راولپنڊي جو چونڊن ۾ڌانڌلي ڪرائڻ جو اعتراف، اليڪشن ڪميشن پاران الزامن جي جاچ جو اعلان

اسلام آباد/ راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا سموري ڊويزن ۾ چونڊ ڌانڌلي ڪرائڻ جو اعتراف ڪندي عهدي تان استعيفيٰ ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ڪمشنر جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا چيو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مون کي مقرر ڪيو هو، مان اليڪشن صحيح نموني نه ڪرائي سگهيو آهيان، استعيفيٰ ڏيان ٿو.
ڪمشنر راولپنڊي چيو ته مان ڊيوٽي صحيح نموني نه ڪري سگهيس، قومي اسيمبلي جي 13 تڪن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا، هارايل اميدوارن کي کٽرايو ويو.
هن چيو ته راولپنڊي مان 13 ماڻهن کي کٽرايو ويو، 70، 70 هزار ليڊ وارن کي هارايو ويو، منهنجا ماتحت اهو ڪم نه پيا ڪرڻ چاهين، پرزائيڊنگ آفيسر منهنجي سامهون روئي رهيا هئا.
لياقت علي چٺا الزام لڳائيندي چيو ته چونڊ ڌانڌلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس پاڪستان به ملوث آهن، مون سميت انهن کي به استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
لياقت علي چٺا چيو ته مون کي راولپنڊي جي ڪچهري چوڪ تي موت جي سزا ڏني وڃي، مون سان اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي به سزائون ڏنيون وڃن.
ڪمشنر راولپنڊي چيو ته مان نٿو چاهيان ته 1971 جو واقعو ٻيهر ٿئي، فجر ويل مون آپگهات جي ڪوشش به ڪئي.
ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن، ڪشمنر راولپنڊي ڊويزن لياقت علي چٺا جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي.
ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان سمورن الزامن جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر يا اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به عهديدار چونڊ نتيجن جي تبديلي لاءِ ڪمشنر راولپنڊي کي ڪي به هدايتون جاري ناهن ڪيون.
ترجمان موجب، ڪنهن به ڊويزن جو ڪمشنر، ڊي آر او، آر او يا پريزائيڊنگ آفيسر ناهي هوندو، نه ئي ڪمشنر جو اليڪشن ڪميشن جي ڪنڊيڪٽ ۾ ڪو سڌي ريت ڪردار هوندو آهي، اليڪشن ڪميشن ان معاملي جي جلد کان جلد انڪوائري ڪرائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.