ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جو مقصد ن ليگ جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ آهي: حنيف عباسي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي چيو آهي ته ڪمشنر راولپنڊي ڪالهه مون کي واڌايون ڏنيون، گذريل ڏينهن منهنجي ڪمشنر سان ملاقات ٿي هئي جنهن جا فوٽيج به موجود آهن.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي چيو ته ڪمشنر جي الزامن جو مقصد راولپنڊي ۾ ن ليگ جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ آهي.
هن چيو ته ڪمشنر ڪنهن به تڪ جو ريٽرننگ آفيسر ناهي، سندس ضمير ايترو جلدي جاڳي پيو ۽ ڇو جاڳيو مان ته حيران آهيان، سازش تحت چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي الزام مڙهيو ويو، منهنجي ڄاڻ موجب شايد لياقت علي چٺا جي خاندان جي فيملي ۾ ڪجهه مسئلا هلي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته فيصلي عدالتن ۾ ٿيندا فورمز موجود آهن، اسان وٽ سمورا فارم 45، 47 48 ۽ 49 موجود آهن، سڄو معاملو پاڪستان کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪڻ جي عالمي سازش جو حصو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.