لياقت علي چٺا ڊگهي عرصي کان ذهني مسئلن جو شڪار آهي، راڻا ثناءَ الله جو ردعمل

لاهور (ويب ڊيسڪ )اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آحي ته لياقت علي چٺا سندس ويجهن دوستن ۾ شامل آهي، هو ڊگهي عرصي کان ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان گفتگو دوران ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن تي ردعمل ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته لياقت علي چٺا ڊگهي عرصي کان سندس ذاتي دوستن ۾ شامل آهي، اهڙي ڪا ڳالهه هجي ها ته هو ضرور ٻڌائي ها.
راڻا ثناءُ الله چيو ته لياقت علي چٺا ڊگهي عرصي کان ذهني مسئلي جو شڪار آهي ڇو ته آپگهات جي ڪوشش شخص ڪندڙ ذهني طور تندرست ناهي هوندو، انڪري شايد سندس علاج به هلي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ن ليگ 12 صوبائي ۽ 6 قومي سيٽن ڏانهن پوءِ ويندي، پهريان لياقت علي جي ذهني صحت جو تعين ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن هو ذهني طور صحيح آهي ته کيس شاهد طور پيش ڪرڻ گهرجي.
ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته لياقت علي چٺا ڌانڌلي جا الزام مڙهيا آهن، جنهن جي هر صورت ۾ جاچ ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.