ڪمشنر پنڊي جي الزامن جو نوٽيس، پنجاب جي وڏي وزير اهم حڪم جاري ڪري ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي استعيفيٰ ڏيندڙ ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن لياقت علي چٺا طرفان چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي راولپنڊي ڊويزن ۾ چونڊ ڌانڌلي جي الزامن واري معاملي تي انڪوائري لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي محسن نقوي جو چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ بي ظابطگين جي حوالي سان مڙهيل الزامن بابت اصل حقيقتون قوم جي آڏو آڻبيون ۽ الزامن جي آزاداڻي انڪوائري ڪرائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.