پنڊي پوليس لياقت علي چٺا جي گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي پوليس عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳائڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏيندڙ ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا جي گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ راولپنڊي پوليس، ڪمشنر راولپنڊي جي گرفتاري بابت هلندڙ خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته لياقت علي چٺا کي گرفتار ناهي ڪيو ويو.


ان کان اڳ خبر آئي هئي ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي استعيفيٰ ڏيندڙ ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن لياقت علي چٺا کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ هو ته سي پي او راولپنڊي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندڙ ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن لياقت علي چٺا کي پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم مان گرفتار ڪيو.
ذريعن موجب، پوليس لياقت علي چٺا کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سي پي او آفيس ٻاهران به پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
ان کان اڳ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا چيو هو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪرائڻ لاءِ مون کي مقرر ڪيو هو، مان اليڪشن صحيح نموني نه ڪرائي سگهيو آهيان، استعيفيٰ ڏيان ٿو.
ڪمشنر راولپنڊي چيو ته مان ڊيوٽي صحيح نموني نه ڪري سگهيس، قومي اسيمبلي جي 13 تڪن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا، هارايل اميدوارن کي کٽرايو ويو.
هن چيو ته راولپنڊي مان 13 ماڻهن کي کٽرايو ويو، 70، 70 هزار ليڊ وارن کي هارايو ويو، منهنجا ماتحت اهو ڪم نه پيا ڪرڻ چاهين، پرزائيڊنگ آفيسر منهنجي سامهون روئي رهيا هئا.
لياقت علي چٺا الزام لڳائيندي چيو ته چونڊ ڌانڌلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس پاڪستان به ملوث آهن، مون سميت انهن کي به استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
لياقت علي چٺا چيو ته مون کي راولپنڊي جي ڪچهري چوڪ تي موت جي سزا ڏني وڃي، مون سان اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي به سزائون ڏنيون وڃن.
ڪمشنر راولپنڊي چيو ته مان نٿو چاهيان ته 1971 جو واقعو ٻيهر ٿئي، فجر ويل مون آپگهات جي ڪوشش به ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.