ڪراچي ( رپورٽر ) محتسب اعليٰ سنڌ اعجاز علي خان اداري جي ساليانه رپورٽ 2023ع وزير اعليٰ سنڌ جسٽس (ريٽائرڊ) مقبول باقر کي پيش ڪئي. رپورٽ موجب محتسب سنڌ کي مختلف سرڪاري ادارن جي خلاف 10،057 شڪايتون حاصل ٿيون جيڪي اداري تي عوامي اعتماد کي ظاهر ڪنديون آهن. رپورٽ موجب مالياتي ادائيگن جي مد ۾ 478.18 ملين روپين کان وڌيڪ جي ادائيگي ڪرائي وئي ۽ گڏو گڏ فوتي ڪوٽا جي تحت 96 شڪايتن تي مقرريون پڻ ڪرايون ويون. گذريل چئن سالن دوران عوامي اهميت جي مسئلن تي پڻ ٻه هزار کان وڌيڪ ڪيس حل ڪيا ويا ۽ 16 شڪايتن تي نوٽس وٺندي حل ڪيو ويو، جن ۾ خاص طور تي غيرفعال اسڪولن جي فعاليت ۽ ان ۾ بنيادي سهولتن جي دستيابي ڪرائي وئي. جڏهن ته لکن جي تعداد ۾ گاڏين جون نمبر پليٽس کي جاري ڪرڻ تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. مختلف موضوعن تي سيمينار منعقد ڪرايا ويا جنهن ۾ ” سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي مسئلن ”۽“ ضلعي ٿرپاڪر ۾ پاڻي ۽ غذائيت جي ”گهٽتائي“ جي موضوعن جي لسٽ مٿان آهي. رپورٽ موجب گذريل چار سالن ۾ بين الاقوامي وفدن جي دورن ۽ ڪورنگي ضلعي، ڪيماڙي/ويسٽ ۽ سانگهڙ ۾ محتسب جي ٽن نئن آفيسن جو افتتاح جي نشاندهي ڪئي وئي. وزير اعليٰ سنڌ جسٽس(ريٽائرڊ)مقبول باقر اداره محتسب سنڌ جي عوام جي شڪايتن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪاميابين کي سرهايو ۽ پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.