ڄامشورو( رپورٽر ) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته هاڻ ڳالهه نامنظور کان چڙهي وئي آهي، هاڻ ڳالهه جهيڙي جي آهي، جن سنڌ لٽي، ميرٽ ختم ڪئي، نوڪريون وڪيون، جن نياڻيون قتل ڪيون، جن سنڌ جي وجود تي وار ڪيو، جن سنڌ جي اليڪشن چورائي انهن سان جهيڙو ٿيندو. سنڌ جي ماڻهن جو علم کسجي ويو آهي، اسڪول ۽ ڪاليج تباهه آهن، نوڪريون وڪرو ٿين پيون، پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کان اميد ۽ آس کسي ورتي آهي، پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪروڙي روپين ۾ نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، آبادگارن کي فصلن جو اگهه نٿو ملي، يوريا بليڪ ٿئي ٿي، پيپلزپارٽي سنڌ کي حملي آور لشڪر جيان نپوڙي ڇڏيو آهي، هنن سمجهيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ان سڄي منصوبي خلاف نه اٿندا ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهندا، پر سنڌ جا ماڻهو هاڻ چپ ڪري نه ويهندا، توهان اعلان ڪيو آهي ته توهان هٿيار ڦٽا نه ڪندا. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي ٺاهيندڙن سان مخاطب آهيان ته پاڪستان جا مظلوم ۽ لاوارث ماڻهو جڏهن مشڪلات ڏسند آهن ته ڪاري ٻڪري جو صدقو ڏيندا آهن، توهان سنڌ کي ڪارو ٻڪرو سمجهيو آهي، پاڪستان ٺاهڻو آهي ته سنڌ کي زبح ڪريو، ون يونٽ مڙهڻو آهي ته سنڌ جو تخت گاهه ڪراچي ڦري وٺو، پاڪستان ٺاهڻ جي لاءِ حرن بغاوتون ڪيون هيون، پر مارشلا جي زماني ۾ انهن حرن کي ڪچليو ويو، پاڪستان جڏهن به تڪليف ۾ آيو ته سنڌ اڳيان آئي، سنڌ جي ججن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، مشرف جي مارشلا سان به سنڌ جا جج وڙهيا هئا، سنڌ جا ماڻهو ايم آر ڊي ۾ وڙهيا، سنڌ جي شهرن ۾ ٻٽو مڪاني نظام آندو ويو ته پير صبغت الله شاهه راشدي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جا ماڻهو وڙهيا. هن چيو ته توهان سنڌ کي گمنام ريلوي اسٽيشن بڻائي ڇڏيو آهي، جتي ڪا به گاڏي نٿي بيهي، جتي فيصلا سازي جي گاڏي نٿي بيهي، ٽن صوبن ۾ حڪومتون تبديل ٿين ٿيون، پر سنڌ ۾ تبديل نٿي ٿئي، ٽن صوبن ۾ ميرٽ ۽ صنعتڪاري آهي، پر سنڌ ۾ ميرٽ ۽ صنعتڪاري ناهي، ٽن صوبن ۾ فصل آهن، پر سنڌ کان سندس حصي جو پاڻي ڦريو وڃي ٿو، ارسا سنڌ جي پاڻي تي حملا ڪري رهيو آهي، سنڌ جي زمينن جي نيلامي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سنڌ جو ڪارونجهر ۽ ٻيٽ ڦريا پيا وڃن، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري ماڻهن کي گم ڪيو وڃي ٿو، نياڻيون اغوا ڪيون وڃن ٿيون، ڇا اسان ڪو مقبوضه علائقو آهيون؟. اسان ڪو فتح ڪيل علائقو ناهيون اسان کي ڪنهن فتح ناهي ڪيو، اسان ڪنهن جي يلغار جي سامهون ڪنڌ ناهي جهڪايو، اسان پاڪستان ۾ 40ع جي قرارداد تحت شامل ٿيا هئاسين، توهان اسان کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي.