”عمران خان پيغام ڏي پيو ته 9 مئي جھڙو ھڪ ٻيو به واقعو ڪري سگھون ٿا”

ڪراچي (عوامي آواز نيوز ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان فيصلو ڪري ورتو آھي، ته ڪنھن به طرح پٺتي ناھي ھٽڻو. ملڪ گير ٿيندڙ اڄوڪي احتجاج جو سڏ ڏئي عمران خان طاقتور ڌرين کي اھو پيغام ڏيڻ چاھي ٿو ته اسان 9 مئي واقعي جھڙو ھڪ ٻيو به واقعو ڪري سگھون ٿا. سينيئر صحافي ۽ ناليواري تجزئي نگار نجم سيٺي چيو آھي ته عمران خان مختلف ڪيسن ۾ گھربل ماڻھن جا اھم عھدن لاءِ نالا تجويز ڪري اسٽيبلشمينٽ تي دٻاءُ وجھي کائنس رعايت حاصل ڪرڻ چاھي ٿو.  نجم سيٺي وڌيڪ اھو به چيو ته مولانا فضل الرحمن ۽ عمران خان ڪڏھن به ھڪ ڪنٽينر تي گڏ بيھي نٿا سگھن، ايئن ڪرڻ سان ٻنھي جو بيانو ختم ٿي ويندو ۽ کين سياسي نقصان ٿيندو. ھو محض اسٽيبلشمينٽ تي دٻاءُ وجھڻ لاءِ ھڪ ٻئي جو نالو استعمال ڪري اتحاد جو تاثر ڏئي رھيا آھن، جيڪو حقيقت ۾ ممڪن ناھي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 17 فيبروري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.