”آصف زرداري مارشل لا جي ڊپ کان ن ليگ سان حڪومت جي حق ۾ آھي“

ڪراچي ( عوامي آواز نيوز )  پاڪستان پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائپ ڏيڻ جي لاءِ سنڌ ۾ جي ڊي اي جھڙا اتحاد اسٽيبلشمينٽ جي خواھش  تي جڙندا آھن. حيدرآباد ڌرڻي ۾ شامل لکين ماڻھون سياسي ڪارڪن نه پر عقيدتمند آھن، جيڪي پنھنجي مرشد کي ڏسڻ آيا آھن، جيڪي ھونئن ھڪ مخصوص ڏينھن تي پير ڳوٺ ۾ گڏ ٿيندا آھن. ناليواري صحافي ۽ تجزئي نگار امداد سومري پنھنجي وي لاگ ۾ ڳالھائيندي چيو آھي ته جي ڊي اي ۾ شامل ڪيترين ئي پارٽي جي اڳواڻن سان منھنجا ويجھا ۽ دوستاڻا تعلق آھن. جيڪي اڪثر ڪري نجي ڪچھرين ۾ ان ڳالھه جو اعتراف ڪندا رھندا آھن ته اسٽيبلشمينٽ جي حمايت کان سواءِ پي پي کي شڪست ڏئي نٿا سگھون، سينيئر صحافي اھو به چيو ته سنڌ ۾ پي پي نظام جو حصو بڻجي وئي آھي جنھن کي ھارائڻ اسٽيبلشمينٽ جي وس ۾ به ناھي رھيو. امداد سومري وڌيڪ چيو ته  نواز ليگ اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان پي پي تي دٻاءُ وجھي حڪومت جو حصو بڻائڻ چاھي ٿي، ڇاڪاڻ ته بلاول ڀٽو زرداري چئي چڪو آھي ته اسين حڪومتي بينچن تي ته ويھنداسين پر وزارتون نه وٺنداسين جڏھن ته آصف علي زرداري نواز ليگ سان گڏجي حڪومت ٺاھڻ جي حق ۾ ان لاءِ به آھي ته ھو ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿيندي ڏسي رھيو آھي. امداد سومري چيو ته جيڪڏھن سياستدان ناڪام ٿيا ۽ حالتون ڀڃ ڊاھه طرف ويون ته مارشل لا لڳي سگھي ٿو. 8 فيبروري واري چونڊن کان پوءِ ماڻھن جي دلين مان خوف ختم ٿي ويو آھي ۽ حالتون ڪنٽرول کان ٻاھر نڪرندي نظر اچي رھيون آھن، جنھن مان مارشل لا جا امڪان چٽا ٿيندا وڃن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 17 فيبروري 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.