راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ترڪ هٿياربندن فوج جي ڊپٽي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل عرفان اوزسرٽ نيول هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب ترڪ هٿياربند فوج جي ڊپٽي چيف آف جنرل اسٽاف، پاڪ نيوي جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن بحري رابطن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي ميري ٽائم سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر جي بيان موجب جنرل عرفان اوزسرٽ پاڪ نيوي جي پيشيوراڻي مهارت جي تعريف ڪئي ۽ ترڪ هٿياربند فوج جي ڊپٽي چيف آف جنرل اسٽاف جي ان دوري سان ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ بحري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي…
You might also like