پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون، 7 دهشتگرد گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 7 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 59 ڪارروايون ڪيون، جنهن دوران 7 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروايون لاهور، منڊي بهاءُ الدين، گوجرانوالا ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيون ويون، گرفتار جوابدارن ۾ بهاولپور سان تعلق رکندڙ ٽي ٽي پي جو اهم ڪمانڊر معاويه به شامل آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان ڌماڪيدار مادو، دستي بم، هٿيار، گوليون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگرد ادارن تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.