مٺي: پرزائيڊنگ آفيسر کي چماٽ هڻندڙ غلام محمد جوڻيجو کي 2 ورهين جي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مٺي ۾ چونڊن دوران پرزائيڊنگ آفيسر کي چماٽ هڻندڙ غلام محمد جوڻيجو کي عدالت ٻن ورهين جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
مٺي جي عدالت ۾ پرزائيڊنگ آفيسر ڊاڪٽر گهنشام داس کي غلام محمد جوڻيجو پاران چماٽ هڻڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي.
جڊيشل مئجسٽريٽ شھاب الدين نظاماڻي جي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد غلام محمد جوڻيجو کي ٻن ورهين جي سزا ٻڌائي.
سزا ملڻ بعد پوليس، غلام محمد جوڻيجو کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.
گذريل مڪاني چونڊن ۾ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ماڃٺي پولنگ اسٽيشن تي علائقي جي بااثر غلام محمد جوڻيجو کي پرزائيڊنگ آفيسر چماٽيون هنيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.