نصير آباد: قومپرست اڳواڻ هدايت لوهار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

نصيرآباد (ويب ڊيسڪ) نصير آباد ۾ گذريل هٿياربندن جي فائرنگ مارجي ويل استاد ۽ قومپرست اڳواڻ هدايت لوهار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
مقتول استاد ھدايت الله لوھار جي جنازي نماز شاهه لطيف پبلڪ پارڪ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مرحوم ھدايت الله لوھار کي وصيت موجب سائين جي ايم سيد جي پيراندي ۾ دفن ڪرڻ لاءِ وارث مڙهه کڻي روانا ٿي ويا آهن.
گذريل ڏينھن صبح جو 9 وڳي کان انڊس هاءِ وي تي ڊگري ڪاليج سامھون قاتلن جي گرفتاري لاءِ ھدايت الله لوھار جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو.
وارثن طرفان مقتول جي تدفين بعد نصيرآباد باءِ پاس انڊس هاءِ وي تي قاضي پيٽرول پمپ اڳيان ڌرڻو ۽ تڏو رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.