انصاف جي عالمي عدالت رفح جي تحفظ لاءِ فوري اپائن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
گڏيل قومن جي اعليٰ عدالت چيو آهي ته اسرائيل کي نسل ڪشي جي ڪيس ۾ کنيل پهرين اپائن جو احترام ڪرڻ گهرجي.
انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) غزه ۾ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ هنگامي درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
12 فيبروري تي، ڏکڻ آفريڪا رفح آپريشن کي روڪڻ لاء انصاف جي عالمي عدالت ۾ هڪ هنگامي درخواست داخل ڪئي.
ان کان اڳ انصاف جي عالمي عدالت 26 جنوري تي پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي روڪڻ لاءِ قدم کڻي.
آءِ سي جي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اسرائيل غزه جي پٽي ۾ فلسطينين کي انساني امداد فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.
واضح رهي ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان غزه تي اسرائيلي فوج جي وحشياڻن حملن ۾ 28 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ لکين بي گهر ٿي چڪا آهن.
You might also like