پاڪ، افغان سرحد جي قانوني حيثيت تي هٿ ٺوڪيون دعوائون حقيقتون تبديل نٿيون ڪري سگهن: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪ، افغان سرحد جي قانوني حيثيت تي هٿ ٺوڪيون دعوائون حقيقتون تبديل نٿيون ڪري سگهن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان افغان عبوري نائب پرڏيهي وزير جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪ افغان سرحد بابت جاگرافي، تاريخ ۽ عالمي قانون جي حقيقتن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته افغان ڌر کي پاڪستان جا حقيقي سيڪيورٽي خدشا ختم ڪرڻ گهرجن.
ياد رهي ته افغانستان جي نائب عبوري پرڏيهي وزير شير محمد عباس استنڪزئي طرفان هڪ بيان جاري ڪيو ويو هو جنهن موجب افغانستان ڊيورنڊ لائين کي ڪڏهن به سرحد تسليم نه ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.